امير بهادر ثاني

امير بهادر ثاني: بهادر ثاني'>امير بهادر ثاني، امير فيروز خان دائودپوٽي جو فرزند هو، پيءُ جي وفات بعد پنهنجي قبيلي جو پڳدار/رئيس بڻيو، ان وقت پهرين ترائي (ضلعي شڪارپور) ۾ ابڙن سردارن سان سندس ڀائپي ۽ دوستيءَ جي لاڳاپن ۾ ڦيٽاڙو پيو. جنهن اتان ٻئي ڪنهن جڳهه تي سڪون سان رهڻ لاءِ زمين يا جاگير حاصل ڪرڻ لاءِ سرگردان رهيو. نيٺ وڏين سياسي ۽ سفارتي ڪوششن بعد اتر سنڌ ۾ موجوده شڪارپور واري جاگير حاصل ڪري، ٻيلا وڍائي هڪ نئين وسندي قائم ڪري ’شڪارپور‘ جو نالو ڏنائين. امير بهادر ثانيءَ جي شڪارپور واري جاگير حاصل ڪرڻ ۾ مورخن ۽ محققن ۾ اختلاف آهي. هڪڙن جو اهو چوڻ آهي ته امير بهادر خان اها قطع زمين بکر جي نواب کان حاصل ڪئي، ٻين محققن جو چوڻ آهي ته بهادر ثاني'>امير بهادر ثاني موجوده شڪارپور واري قطع زمين تڏهوڪي سبيءَ جي گورنر مرزا خان کان ورتي. ناليوارو محقق ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لکي ٿو ته: ’دائود پوٽن جي بهادر خان هن شهر جو بنياد وڌو، هن اورنگزيب بادشاهه طرفان ۽ سبي جي ڍاڍر جي نواب مرزا کان سنڌو نديءَ جي ڪناري سان وڏي ايراضي، جنهن ۾ خانپور، ترائي ۽ سکر وارا علائقا هئا، مقاطعي تي ورتا. اتي ٻيلا ۽ شڪار گاهه هئا، ان بعد دائودپوٽن 1026هه/1617ع ۾ شڪارپور شهر جو بنياد وڌو. امير بهادر خان 1678ع تائين حڪومت ڪري 81 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي ۽ سندس فرزند امير مبارڪ خان شڪارپور حڪومت جي گاديءَ تي ويٺو، جيڪو ان وقت ننڍو هو.


لفظ امير بهادر ثانيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو